SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ماتحت- ننڍوسرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ماتحت- ننڍوسرشتو

Sub System

سب سسٽم

هي اصطلاح علائقائي(Regional) سطح يا ماتحت طريقي سان ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، يعني علائقائي حوالي سان ڪو به سگهارو ملڪ پنهنجي برتري برقرار رکندي، پنهنجين پاليسين جي مٿڀرائي چاهي ٿو. بين الاقوامي نظام وانگر ڪم ڪندڙ هي سرشتو ضروري ناهي ته اُن جهڙا ئي نتيجا ڏي، بلڪ اهو به ممڪن آهي ته اُهو ڪيترن پهلوئن جي لحاظ کان مٽيل پڻ هُجي، مثال طور: هي سرشتو ٽه-رخو يا گهڻ – رخو ٿي سگهي ٿو. اهو به عين ممڪن آهي ته هن سرشتي ۾ اهميت رکندڙ معاملا عالمي سياسي نظام تي گهرواثر وجهن. مثال طور عرب- اسرائيل تڪرار علائقائي حيثيت رکندي به بين الاقوامي ادارن ۽ نظام ۾ انتهائي وڏي اهميت رکي ٿو. ”ماتحت سرشتي“ واري اِن نظريي جي وڏن وڪيلن ۾ بائينڊر (1958ع) ۽ بريچر (Brecher) جا نالا اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه 1969ع ۾ ”انٽرنيشنل اسٽڊيز ائسوسئيشن“ طرفان نڪرندڙ خاص ٽماهي پرچي ۾ به اِن ويچار کي اڳتي وڌايو ويو


Remember Me Also:

شتر مرغ

ذ. ف. شتر + مرغ = پکي پکيءَ جو هڪ قِسم ، اُٺُ پکي. آفريڪا ۽ عربستان جي رڻن ۾ رهندڙ هڪ وڏو پکي. ڊگهين ٽنگن ۽ وڏي ڊگهي ڳچيءَ سان اُٺ جهڙو پکي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal